نوازشريف حڪومت ۽ عوام کي دوکو ڏئي لنڊن هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

news

اسلام آباد: (اربع 30 سيپٽمبر 2020ع) ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر  گرفتاري جا وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي عدالت چيو ته نوازشريف حڪومت ۽ عوام کي دوکو ڏئي لنڊن ويو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر طرفان رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي  وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر  گرفتاري جا وارنٽ وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آحي. پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي وارنٽس جي تعميل جي لاءِ ٻيهر ايون فيلڊ  اپارٽمينٽس ويو پر ايون فيلڊ اپارٽمينٽس تي موجود شخص گرفتاري جا وارنٽ وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوازشريف جي گرفتاري وارا وارنٽ اتاشي قونصل جي ذريعي ٻيهر تعميل نه ٿي سگهي قونصل اتاشي حسن نواز جي سيڪريٽري وقار احمد کي فون ڪرڻ ۽ درخواست تي ٻيهر وارنٽس کڻي ويو پر ڪنهن به وارنٽ وصول نه ڪيا ذاتي حيثيت ۾ پهريون ڀيرو وڃڻ تي به اتاشي کان ڪنهن به وارنٽس وصول نه ڪيا هئا. جسٽس محسن اختر ڪياني ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي حوالي سان سخت ريمارڪس ۾ چيو ته جوابدار حڪومت ۽ عوام کي دوکو ڏئي لنڊن ويو ۽ لنڊن ۾ ويهي عوام ۽ حڪومت تي کلندو هوندو.

سڀاڻي نوازشريف واپس اچي اهو نٿو چئي سگهي ته مون  کي گرفتاري وارن وارنٽن جي خبر نه هئي. ان جو پرڏيهه وڃڻ پوري نظام جي توهين آهي. آئنده وفاقي حڪومت کي به خيال رکڻ گهرجي ته  ڪيئن ڪنهن کي ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي. عدالت سڳوري چيو ته هن ڪيس جي ڪري باقي ٻيا ڪيس التوا جو شڪار آهن. هزارين ڪيس التوا هيٺ آهن ۽ هتي هن ڪيس ۾ وقت ضايع ڪري رهيا آهيون. جيتري ڪوشش هڪ ڏوهاري کي وارنٽ پهچائڻ ۾ لڳي رهي آهي اوترو سائلين کي ريليف ڏئي سگهجي ٿو.

عدالت، حڪومت، پرڏيهي آفيس ۽ هاءِ ڪميشن ملي هڪ وارنٽ جي تعميل ڪرائي رهيا آهن. عدالت چيو ته ڏوهاري(نوازشريف) جو انتهائي شرمناڪ رويو آهي لنڊن ۾ موجود قونصل اتاشي جو بيان وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪنداسين. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ست آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.