نوابشاهه: بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي اسرا عباس مئٽرڪ جي امتحان ۾ ٻين پوزيشن ماڻي ورتي

news

نوابشاه(رپورٽ:فدا چانڊيو) نواب شاهه بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلس جي ڪيڊٽ اسرا عباس حيدرآباد بورڊ ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ٻي پوزيشن ماڻي، حيدرآباد بورڊ پاران مئٽرڪ جي امتحانن جي جاري نتيجن ۾ سندس ٻيون نمبر نالو آيو جيڪا لسٽ بورڊ آفيس حيدرآباد پاران جاري ڪئي وئي هئي، جنهن جي تقريب ۾ انتظاميا جي سربراه، استادن توڙي شاگردن جي والدين شرڪت ڪئي. 

ياد رهي ته ڪاليج کي ٺهي تمام گهٽ عرصو ٿيو آهي ۽ بورڊ جي حوالي سان هي پهريون امتحان هو، ان باوجود ايڏي وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تمام گهڻي فخر جي ڳالهه آهي.

تقريب جي ان موقعي تي والدين ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي استادن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي ڇاڪاڻ ته استادن جي محنت رنگ لاتو.