پنوعاقل ۾ قومي شاهراهه تي پوليس ڪارروائي، اسمگل ڪڻڪ جا ٻه ٽرالر هٿ

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي پوليس قومي شاھراھ تي ڪارروائي ڪري پنجاب ڏانھن غير قانوني طور اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ جا ٻه ٽرالر هٿ ڪيا آھن، ايس ايڇ او سانگي ثناء اللہ کونھارو پوليس نفري سان گڏ قومي شاھراھ تي ناڪابندي ڪري پنجاب ويندڙ ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرالرن کي ھٿ ڪري ورتو آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سانگي ثناء اللہ کونھارو ميڊيا کي ٻڌايو تہ ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي حڪم تي قومي شاھراھ تي ناڪابندي ڪري پنجاب اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ کي روڪيو آھي، ٻنھي ٽرالرن م 3 هزار مڻ ڪڻڪ ٻڌائي پئي وڃي.

ايس ايچ او سانگي موجب سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي ۽ 144 قلم لاڳو آھي، گذريل 5 ڏينھن دوران ڪارروئي ڪري پنجاب ڪڻڪ اسمگل ڪندڙ 10 ٽرالرن مان ھزارين مڻ ڪڻڪ ھٿ ڪئي آھي.

ھوڏانھن ھٿ آيل سموري ڪڻڪ خوارڪ کاتي سکر جي گودامن ڏانھن اماڻي ڇڏي آھي جڏھن تہ تحويل ۾ ورتل ٽرالرن کي چالان ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.