مورو ۾ ايريگيشن يونين پاران روهڙي ڊويزن جي انجنيئر خلاف احتجاج

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) مورو ۾ الشهباز ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ پاران ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو جي انجنيئر طارق احمد ڪيهر جي زيادتين خلاف سندس آفيس آڏو سوين ملازمن ڌرڻو هڻي احتجاجي ريلي ڪڍي بعد م ھڪ وڏو جلسو منقعد ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي يونين جي مرڪزي صدر محمد عيسيٰ سنگراسي، گل محمد ميراڻي، لالا قيصر زمان پٺاڻ، محمد بخش ڪورائي، عزيز سنگراسي، عبدالطيف کوسو، محمد حسن زرداري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن کان مورو ۾ انجنيئر آيو آهي تنهن ڏينهن کان ننڍن پورهيت ملازمن سان زيادتيون عروج تي پهچي ويون آهن، ملازمن جون پگهارون بند ڪري انهن جا پروموشن ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ جبري بدليون ڪيون ويون آهن، نوڪرين جي سن ۽ فوتي ڪوٽا ختم ڪري ملازمن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي انهن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

هنن چيو ته 6 آڪٽوبر تي سکر ۾ ايريگيشن جي چيف انجنيئر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ هزارين ملازم وزير اعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪنداسين، هن احتجاجي ريلي ۽ جلسي ۾ المهراڻ ورڪرز ايريگيشن يونين جي چيئرمين مشتاق احمد سنگراسي، عظيم ڪلھوڙو، عابد علي شيخ، شاهنواز ڪورائي ۽ ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.