شهدادپور جي مين پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب نينگري سخت زخمي

news

شهدادپور (رپورٽ:سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ سنڌي مين  پرائمري  اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 5 ڪلاس جي شاگردياڻي راستي ڌيءَ يعقوب ڪپري مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي شهدادپور سمس اسپتال منتقل ڪرڻ بعد طبي امداد ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن اهڙي واقعي بعد اسڪول جي ٻارڙن ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو، ان سلسلي ۾ هيڊ ماستر پرائمري سنڌي مين اسڪول رسول بخش ڏيٿو ٻڌايو ته برسات سبب ٻي منزل جي ورانڊي جي ڇت تي پاڻي بيهڻ سبب ڪمزور ٿيڻ ڪري معصوم نينگري 5 ڪلاس جي راستي ڪپري ورانڊي جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب زخمي ٿي آهي جنهن کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته واقعي بعد ڪمزور ڇت وارن ڪمرن کان شاگردن کي پري رکندي انهن جي مرمت جو ڪم ڪرايو پيو وڃي.