ٽنڊومحمدخان ۾ مسئلن جي حل لاءِ ايس ٽي پي ۽ سول سوسائٽي پاران ٽئين ڏينهن به بک هڙتال

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ بدامني، سماجي برائين، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي ۽ منشيات جي واھپي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي.

ٽنڊو محمد خان جي اسٽيشن روڊ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ضلعي صدر اقبال حاجاڻو، جمن سمون، اعظم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 3 ڏينهن واري مرحليوار علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ اڳواڻن چيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ بدامني، سماجي برائين جو عروج ٿي ويو آهي، علائقي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، سومرا پاڙي کي ٽارگيٽ ڪري هزارين شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ويئي آهي، برسات متاثرين جي سهائتا لاءِ حڪومت جي ڏنل امدادي سامان ۾ ڪرپشن ڪري من پسند ماڻهن کي امداد ڏيئي مستحق غريب مسڪين متاثرين کي امداد کان نظر انداز ڪيو ويو آهي، شهري علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران آهي، ميونسپل انتظاميه، پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جي نااهلي جي ڪري شهر ۾ ڊرينيج جو نظام مڪمل تباھ ٿي ويو آهي، شهري علائقي ۾ گندگي جو آزار آهي ۽ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي ويئي آهي، روڊن رستن جي حالت زبون ٿي ويئي آهي، ضلعي انتظاميه شهري توڙي ٻهراڙي جي عوام کي ڪا به بنيادي سهوليت فراهم ڪري نه سگهي آهي.

ھنن چيو ته  اسٽريٽ لائيٽ جو نظام ناڪارا بڻجي ويو آهي، واپڊا عوام لاءِ آزار بڻيل آهي، شهر ۾ هر روز ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي ۽ منشيات جو ڪاروبار وڌڻ ڪري نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي، انتظاميه نوٽيس نٿي وٺي اسان اعليٰ اختيارين کي نوٽس وڻڻ جي اپيل ڪريون ٿا.