جيڪب آباد ۾ ناري سان مبينا اجتمائي زيادتي، پوليس تي ڪارروائي نه ڪرڻ جو الزام

news

جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالنبي مگسي )صدر ٿاڻي جي حد جان محمد ڪالوني ۾ عورت ميرزادي زال الھ بخش جمالي کي ھٿيارن جي زور تي مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، عورت ميرزادي پنهنجي مڙس الھ بخش جمالي سان صدر ٿاڻي تي پھچي دانھيندي چيو آهي ته چار ڏينهن اڳ جوابدار فرحان ڊومڪي پنهنجي ساٿين سان منهنجي مڙس جي غير موجودگي ۾ گھر اندر گھڙي مون کي ھٿيارن جي زور تي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي، جوابدار بااثر آھن پوليس انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي، جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ان موقعي تي مبينا ڏاڍائي جي شڪار عورت ميرزادي جي مڙس الھ بخش جمالي پوليس تي الزام مڙھندي چيو آهي ته چار ڏينهن اڳ منهنجي گھرواري کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ان وقت ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي وئي هئي پر جوابدار بااثر ھئڻ ڪري پوليس ڪاروائي کان لنوائڻ لڳي آهي، اسان کي آسرا ڏنا ويا آهن.

ھن ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز کان مطالبو ڪيو ته منهنجي گھرواري سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ سخت سزا ڏني وڃي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او صدر گل محمد مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت ھاڻي ٿاڻي تي پھتي آهي، چار ڏينهن اڳ اين سي داخل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪوڙي آهي، عورت سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، زيادتي جو شڪار عورت کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.