مورو ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، سيتا واسي ٽي ڄڻا سخت زخمي

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) مورو ڀرسان جمال شاھ وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سيتا واسي ٽي نوجوان سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي مورو اسپتال پھچايو ويو، زخمين کي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي.

زخمين ۾ احسان چانڊيو، اويس سومرو ۽ سردار چانڊيو شامل آهن جن جي حالت نازڪ ھجڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ کين نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي.