گمبٽ ۽ خيرپور ۾ ايس او پيز تحت هينڊز پاران نان فارمل اسڪولن جي شروعات

news

گمبٽ ( رپورٽ: ادريس عباسي) حڪومت پاران جاري ڪيل تاريخ 30 سيپٽمبر تي پرائمري جا ڪلاسز شروع ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ ھينڊز پاران گمبٽ خيرپور تعلقن جي 80 نان فارمل پرائمري اسڪول بہ ان تي عمل ڪري سخت اپائن سان ڪلاسز شروع ڪيا ويا. 

ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ مينيجر ميڊم صائمہ ميڊيا سان ڳالھائيندي  ٻڌايو تہ اسين پنھنجي 90 نان فارمل اسڪول کولڻ کان پھرين ايس او پيز تي عمل ڪندي صحت کاتي جي تعاون سان سڀ کان پھرين ٽيچرس جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي وئي جنھن جو رزلٽ نيگيٽو اچڻ بعد ھينڊز اي ايف سي او يوڪي ايڊ جي تعاون سان ھلندڙ پرائمری اسڪولن کي جرا ثيم کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ھر ھڪ اسڪول ۾ اسپري سينيٽائيزر، ماسڪ ۽ ٻيو ضرورت جو سامان ڏنو آھي، ان کان علاوہ اسڪولن ۾ داخل شاگردن کي ٻن گروپن ۾ ورھائي سماجي مفاصلي تي عمل ڪندي ڪلاسن ۾ ٽن فوٽن جي مفاصلي تي گول دائرو ڏئي ٻارن کي ويھاريو ويو آھي تہ جيئن شاگردن کي ھن وبا کان بچائي سگھجي.