امارات ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا

news

دبئي: (خميس 01 آڪٽوبر 2020ع) متحده عرب امارات ۾ هڪ ڏينهن جي دوران ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اربع جي ڏينهن متحده عرب امارات(يو اي اي) ۾ ڪورونا جي شروعات کان هنيئر تائين هڪ ڏينهن جي دوران سڀني کان وڌيڪ 1100 ڪيس سامهون آيا.

ميڊيا رپورٽ موجب متحده عرب امارات ۾ گذريل ٻن مهينن دوران ڪورونا جي  ڪيسن ۾ واڌ نظر آئي آهي ۽ 3 آگسٽ تي روزاني ڪيسن جو انگ 164 هئي جنهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

متحده عرب امارات جي اختيارين ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب عوام طرفان سماجي وٿي جي پاليسي تي عمل نه ڪرڻ قرار ڏنو پيو وڃي.

متحده عرب امارات ۾ ڪورونا ڪيسن جو ٽوٽل انگ 94 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 149 ماڻهو هينئر تائين وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.