پنوعاقل ۾ ڪڻڪ جي غيرقانوني اسمگلنگ واري ڪوشش ناڪام، ھزارين مڻ ڪڻڪ ھٿ

news

پنوعاقل (رپورٽ: قربان ملڪ) پنوعاقل ۾ ڪڻڪ جي غيرقانوني اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، سانگي پوليس سکر ضلعي کان پنجاب ويندڙ ڪڻڪ جا 20 ٽرالر پڪڙي ورتا.

پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي پوليس جي قومي شاھراهه تي ڪارروائي ڪري پنجاب ڏانھن غيرقانوني طور اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ جا 20 ٽرالر تحويل ۾ ورتا آھن، ايس ايڇ او سانگي ثناءَ اللہ کونھارو پوليس نفري سان گڏ قومي شاھراهه تي ناڪابندي ڪري پنجاب ويندڙ ڪڻڪ سان ڀريل 20 ٽرالرن کي ھٿ ڪري ورتو آھي.

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سانگي ثناء اللہ کونھارو ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي حڪم تي قومي شاھراهه تي ناڪابندي ڪري پنجاب اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ کي روڪيو آھي، ٽرالرن ۾ 30 هزار مڻ ڪڻڪ ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايڇ او سانگي موجب سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي ۽ قلم 144 لاڳو آھي، گذريل 5 ڏينھن دوران ڪارروائي ڪري پنجاب ڪڻڪ اسمگل ڪندڙ 10 ٽرالرن مان ھزارين مڻ ڪڻڪ ھٿ ڪئي آهي.

ھوڏانھن ھٿ آيل سموري ڪڻڪ خوارڪ کاتي سکر جي گودامن ڏانھن اماڻي وئي آھي، جڏھن تہ تحويل ۾ ورتل ٽرالرن کي چالان ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.