رپڙي لڳ ڳوٺ ٽاڳڙو واسي نينگري ڪراچي ۾ گهر اندر راند ڪندي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري فوت

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) رپڙي جي ڳوٺ جي نينگري ڪراچي ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت.

خبر موجب رپڙي جي ڳوٺ ٽاڳڙو واسي غلام اصغر ميمڻ جي 3 سالن جي معصوم نينگري عليزا ميمڻ ڪراچي جي ڳوٺ حسن پنھور ۾ گهر اندر راند ڪندي پاڻيءَ جي ٽانڪي ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي وئي آهي.

جنهن بعد وارثن نينگريءَ جو لاش ڪڍي ورتو تہ گهر ۾ قھرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا ھئا.