نئون ديرو لڳ ڳوٺ بالائي ٽڳڙ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پنج ڄڻا زخمي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو لڳ ڳوٺ بالائي ٽڳڙ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ٽڳڙ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن پاران هڪٻئي مٿان لتن، مڪن ۽ لٺين جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.

جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا الهه بخش ٽڳڙ، شيراز ٽڳڙ، بشير ٽڳڙ ۽ اقبال ٽڳڙ سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي زخمي حالت ۾ نئون ديرو اسپتال آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. جتي زخمين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جو ٻارن جي ڳالهه تان پنهنجي ئي ذات جي سڪندر ٽڳڙ وارن جي ڌر سان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نئون ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي، جنهن تان جهيڙيندڙ ڌر ٻيهر مڇرجي سڪندر، شڪيل، مٽو، وڪيل، صدام ٽڳڙ ۽ ٻين اسان تي زبردستي حملو ڪري لٺيون وسايون جنهن ۾ اسان جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

هنن پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته جهيڙيندڙ ڌر خلاف ڪارروائي ڪري حملو ڪندڙن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي. نئون ديرو پوليس بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پارٽي کي روانو ڪري ڇڏيو آهي. وڌيڪ جاڇ ڪري رهيا آهيون.