هالي ووڊ جي اداڪاره صوفيه ورگارا ڪمائي ۾ انجلينا جولي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

news

لاس اينجلس: (ڇنڇر 03 آڪٽوبر 2020ع) هالي ووڊ جي اداڪاره صوفيه ورگارا دنيا جي سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪاره بڻجي وئي آهي.

آمريڪي اخبار طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب مشهور ترين اداڪاره صوفيه ورگارا گذريل 12 مهينن ۾ 43 ملين ڊالر ڪمائي سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪاره بڻجي وئي آهي. اها لسٽ اداڪارائن جي فلمن ۽ ٽي وي کان علاوه اشتهارن وغيرن مان ٿيندڙ آمدني جي مد ۾ جاري ڪئي وئي آهي.

ڪولمبيا سان تعلق رکندڙ 48 ساله اداڪاره صوفيه سٽ ڪام ماڊرن فيملي جي فائنل سيزن جي هڪ قسط جي لاءِ 5 لک ڊالر معاوضو وصول ڪيو. ان کان علاوه فوربز جي اندازي موجب صوفي ورگارا کي آمريڪا جي مشهور ترين ريئلٽي ٽي وي شو آمريڪا ڪوٽ  ٽيلنٽ جي هر سيزن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ڊالرن جي آمدني ٿي آهي.

صوفيه ورگارا گذريل سال هن لسٽ ۾ ٻئين نمبر تي آهي.لسٽ ۾ جنهن اداڪاره ٻئي نمبر تي سڄي دنيا ۾ ڪمائي ڪئي اها هالي ووڊ اسٽار انجلينا جولي آهي هن گذريل 12 مهينن ۾ 35.5 ملين ڊالر ڪمايا.