خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ پنج تعليمي ادارا سيل

news

پشاور: (آچر 04 آڪٽوبر 2020ع) خيبرپختونخواهه جي حڪومت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي 5 تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا.

ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي خيبرپختونخواهه ۾ بند ڪيل تعليمي ادارن ۾ 4 سرڪاري ۽ هڪ خانگي اسڪول شامل آهي. خيبرپختونخواهه جي تعليم واري وزير شهرام  ترڪني جو چوڻ آهي ته استاد ڪلاس رومن ۾ شاگردن جي سماجي وٿي کي يقيني بنائين. شاگرد ۽ شاگردياڻيون ماسڪ لازمي پائين.

هن چيو ته ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ  اسڪولن کي فوري طور تي بند ڪيا ويندا. ان کان علاوه تعليم واري وزير شهرام ترڪني گورنمنٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ڊاگني صوابي دوري جي دوران اسڪول ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جو به جائزو ورتو.