نيوسعيد آباد ۾ بي اي ۽ ايم اي جي امتحاني سينٽر تي سول جج جو ڇاپو

news

نيو سعيد آباد (رپورٽ: واجد ملاح) نيوسعيد آباد ۾ بي اي ۽ ايم اي جي امتحان جي سينٽر تي شاگردن پاران مبينا ڪاپي ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ٽو سعيد آباد ميڊم حنا رشيد جو مخدوم محمد زمان طالب مولا ڊگري ڪاليج سعيد آباد تي عدالتي عملي شھزاد ميمڻ ۽ ٻي واسطيدار عملي سان گڏ ڇاپو ھنيو.

جنھن دوران شاگردن وٽان موبائيل فونون برآمد ڪيون ويون جڏھن ته ڪاپي روڪڻ جي لاءِ ڪاليج انتظاميا پاران ڪي بندوبست نه ڪيا ويا ھئا، جنھن تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميڊم حنا رشيد کوسو سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.

ڇاپي دوران ڪاپي ڪندڙ 15 شاگردن کان جوابي ڪاپيون ڦري ضبط ڪيون ويون. ان موقعي تي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ پرنسپال کي ھدايت ڪئي ته ڪاپي کي روڪڻ لاءِ بھتر انتظام ڪيا وڃن.