نئون ديرو ڀرسان سڱاوتي مامري تان قتل ڪيل نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ڪيس داخل

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو ڀرسان پنجوديرو ڳوٺ ۾ سڱاوتي مامري تان هٿياربندن هٿان قتل ڪيل دودو شيخ جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته مقتول نوجوان جي قتل جو ڪيس نئون ديرو ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ غلام سرور شيخ جي فرياد تي جي گناهه نمبر 107/2020 قلم 302 تحت اختيار شيخ، سڌير شيخ ۽ نسيم شيخ خلاف داخل ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن نئون ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالمجيد آرائين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جوابدار پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.