اوڏيرولال: ڳوٺ عرس بروهي جو پرائمري اسڪول ٽن سالن کان بند، استادن لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاج

news

اوڏيرولال(رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا)اوڏيرولال اسٽيشن لڳ يوسي پليجاڻي اسٽيشن جي ڳوٺ عرس بروهي جي پرائمري اسڪول ۾ ٽن سالن کان تدريسي عمل رڪيل آهي ۽ اسڪول ۾ داخل نوي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي تعليم تباهه آهي، اهڙي عمل خلاف اسڪول جي معصوم شاگردن پنهنجن والدين علي دوست بروهي، انور حسين بروهي، علي اڪبر، سڪندر وڪيل، مير محمد، دين محمد، الهه بخش، ارشاد علي بروهي ۽ ٻين تعليم کاتي ۽ ڊي سي مٽياري خلاف بند پيل اسڪول اڳيان سخت احتجاج ڪندي اسڪول ۾ استادن جي مقرري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن صحافين کي ٻڌايو ته ڄاڻايل اسڪول ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان اسڪارپ کاتي وارن تعمير ڪرائي ڏنو، اسڪول جا ٻه ڪمرا تيار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ ٻيو به ڪافي ڪم رهيل آهي، جڏهن ته ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، هنن چيو ته ڪافي وقت اسان پنهنجن ٻارن لاءِ اوطاق ۾ تدريسي عمل جاري رکيو، جڏهن ته اسڪول جو ڪجهه حصو تيار ٿيو ته هن اسڪول کي ٻه استاد ڏنا ويا هئا، مقرر ٿيل استادن اسڪول جي ٻن ڪمرن ۾ تدريسي عمل جاري رکيو. 

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي استاد غائب ٿي ويا، استادن جي غيرحاضري بابت اسان تعليم کاتي مٽياري ۽ ڊي سي مٽياري کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون، جنهن کان پوءِ مٽياري جي معزز عدالت جو جج صاحب پڻ وزٽ ڪري ويو، تنهن کان پوءِ به اسان کي استاد نٿا ڏنا وڃن، جنهن ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

هنن ٻڌايو ته اسان وٽ ويجهو ٻيو ڪو اسڪول به نه آهي جتي پنهنجن ٻارن جي مستقبل کي سنواري سگهون تنهن ڪري فوري طور تي اسڪول جو رهيل ڪم مڪمل ڪرائي ٻه استاد مقرر ڪيا وڃن. آخر ۾ هنن چتاءُ ڏيندي اهو به چيو ته اسڪول ۾ استاد مقرر نه ڪيا ويا ته ايندڙ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.