سڪرنڊ لڳ روڊ حادثي ۾ ٻه ڄڻا زخمي

news

سڪرنڊ (رپورٽ: مشتاق سولنگي) سڪرنڊ  ڀرسان بينظير انٽر چينج پل تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو.

جنهن جي نتيجي ۾ نوابشاهه جو رهواسي عبدالباسط شاهه ۽ سڪرنڊ جو رهواسي عبدالله چوهاڻ سخت زخمي  ٿي پيا، جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن   کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري پي ايم سي اسپتال نوابشاهه اماڻيو ويو آھي.