ميھڙ ۾ قتل ٿيندڙ ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ سرڪار پاران انعام جو اعلان

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) گهرو کاتي سنڌ پاران ميھڙ شهر ۾ ڏيڍ سال اڳ قتل ٿيل ٽن ڄڻن يوسي ٻليدائي جي چيئرمين رئيس ڪرم الله چانڊيو، تمندار مختيار علي چانڊيو ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر قابل چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدار مرتضيٰ چانڊيو جي گرفتاري لاءِ 20 لک رپيا ۽ ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري لاء 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.

ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ چيو آهي ته روپوش جوابدار جي موجودگي جو اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. هن چيو ته قتل ڪيس ۾ ملوث روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڪوششون جاري آهن.