مانسهره: ڇهن ليڪچرارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ پنج ڏينهن لاءِ ڪاليج سيل

news

مانسهره:(ڇنڇر 10آڪٽوبر 2020ع)  مانسهره جي تعلقي اوگي جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي 6 ليڪچرارن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ ڪاليج کي 5 ڏينهن جي لاءِ سيل ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر اوگي زينب احمد چيمه جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪاليج جي 6 ليڪچرارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن سبب ڪاليج کي5 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

بيان موجب ڪاليج بند ڪري ٽي ايم اي اسٽاف کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ اسپري جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف متاثر ڪاليج مان   بي اي ۽ بي ايس سي جا امتحاني مرڪز به هاءِ اسڪول ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.