ڄامشورو لڳ ڪراچي واهه ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت، لاش هٿ نه اچي سگهيو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ۾ آر آر بي ڪالوني سامهون ڪي بي فيڊر ڪراچي واهه جي ڪپ تي رھندڙ شيخ برادري جو 28 سالن جو نوجوان پرويز شيخ وھنجندي ٻڏي ويو، جنھن جو لاش ھٿ نه اچي سگھيو آھي.

لاش جي ڳولا جي سلسلي ۾ ٽوٻا گھرايا ويا، جيڪي مسلسل 10 ڪلاڪن جي ڳولا باوجود  لاش کي ھٿ نه  ڪري سگھيا ۽ رات جي اونداھي سبب ڳولا ۾ ڏکيائي پيش اچڻ سبب واپس هليا ويا ۽ اڄ ٻيھر صبح جولاش جي ڳولا ڪئي ويندي.

پوليس موجب نوجوان مرگهي جو مريض هو جيڪو وهنجندي ٻڏي ويو آهي.