ڄامشورو: سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف گڏيل جدوجهد جو اعلان

news

ڄامشورو(رپورٽ:حيات ميراڻي) سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي وفاق پاران قبضن کي رد ڪندي ڀرپور نموني سان گڏيل جدوجهد هلائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. 

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه عبدالمالڪ بلوچ ڄامشورو پهچي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر، ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي سان ملاقات ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي صوبن جي سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي وفاق جي والار لاءِ پاس ڪيل صدارتي آرڊيننس کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو ۽ ٻنهي صوبن جي قومپرست تنظيمن طرفان گڏيل طور تي هڪٻئي جي حمايت ڪندي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. 

گڏجاڻي کانپوءِ قومپرست اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، عبدالمالڪ بلوچ ۽ رسول بخش خاصخيلي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ صوبن جي هزارين سالن کان ملڪيت آهن، ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي ڪوبه قابض ٿي نٿو سگهي، صدارتي آرڊيننس صوبن کي ورهائڻ جي برابر سمجهون ٿا، ان خلاف گڏيل جدوجهد جاري رهندي. 

ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جا هميشه حق غضب ڪيا ويا آهن، معدني وسيلن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو ويو آهي، 17 آڪٽوبر ۽ پهرين نومبر تي احتجاج جي ڏنل سڏن تي شرڪت لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي پارٽين سان رابطي ۾ آهيون.

 سيد جلال محمود شاهه چيو ته اڄوڪي ملاقات ۾ گڏيل طور تي اتفاق ٿيو آهي ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي ورهاست جي نيت سان ٻنهي قومن جي سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن کي گڏجي ڪري ناڪام بڻايو ويندو.

 هڪ سوال جي جواب ۾ سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ توڙي بلوچستان مان ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ان ڪري انهن ماڻهن جو ڪو ڏوهه آهي ته کين ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ انهن جي وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. 

پريس ڪانفرنس ۾ نيشنل پارٽي جي صدر عبدالمالڪ بلوچ ڳالهائيندي چيو ته ٻيٽن متعلق صدارتي آرڊيننس کي پنهنجي قومي وحدتن ۾ مداخلت سمجهندي ان کي رد ڪريون ٿا، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام هميشه پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، هاڻي به گڏيل آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، اسان سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته گڏيل تحريڪ هلائي ڪالاباغ ڊيم جيان هن سازش کي به ناڪام بڻايو ويندو.

عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته وفاق جي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ عوام جي حمايت سان ڀرپور احتجاج ڪري وفاق جي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ هر صورت ۾ سنڌ جي معدني وسيلن توڙي ٻيٽن جي مالڪي ڪئي ويندي.