اکين کي خطرناڪ شعاعن کان محفوظ رکندڙ عينڪ

news

بيجنگ: (آچر 11 آڪٽوبر 2020ع) چين جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني شيائومي هر گذرندڙ ڏينهن سان جديد ترين اسمارٽ هوم اپلائنس متعارف ڪرائيندي رهي آهي ۽ تازو ئي ڪمپني هڪ اهڙي عينڪ صارفين جي لاءِ پيش ڪئي آهي جنهن سان اکيون خطرناڪ شعاعن کان محفوظ رهنديون.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چيني ڪمپني شياومي هڪ اهڙي عينڪ متعارف ڪرائي آهي جيڪا اکين جي موبائل اسڪرينز ۽ ليپ ٽاپ مان نڪرندڙ  شعائن کان محفوظ رکندي. شياموي طرفان متعارف ڪرايل هن عينڪ جو نالو ميجيا اينٽي بلوري گلاسس آهي جيڪا پهرين اپريل تي پيش ڪئي وئي هئي پر هاڻ ان ۾ وڌيڪ اپ ڊيٽ کان پوءِ ٻيهر پيش ڪيو ويو آهي.

هن عينڪ ۾ هاءِ ڊيفينيشن نائون لينسس موجود آهن جيڪي اوهان جي اکين کي 80 سيڪڙو تائين شعائن جڏهن ته 93 سيڪڙو تائين عام شعائن کان محفوظ رکنديون آهن. شياومي هن عينڪ جو وزن 15.5 گرام آهي ۽ هي مرد ۽ عورت ٻنهي جي لاءِ ئي ٺاهي وئي آهي جڏهن ته هي ڪاري ۽ روز گولڊ رنگ ۾ ملندو. هي  عينڪ في الحال چين ۾ ئي وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي قيمت 29 ڊالر آهي.