ٿاڻو بولاخان لنڪ روڊ تي مسافر بس ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، پندرنهن کان وڌيڪ زخمي

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ٿاڻو بولاخان لنڪ روڊ تي چوھڙ لڪ جي چاڙھي تان لھندي بريڪ فيل ٿيڻ سبب مسافر بس ڪلٽي، هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت، 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي.

اطلاع ملندي ئي ايمبولينس ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. فوتي جو لاش ۽ زخمي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

جڏهن ته فوتي جي سڃاڻپ نصرپور واسي ممو مڱڻهار طور ٿي آھي.