ڊکڻ بس اسٽاپ تي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، راهگير زخمي

news

ڊکڻ (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) ڊکڻ بس اسٽاپ تي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان فائرنگ، راهگير زخمي، نارڪ حالت اسپتال منتقل.

خبر موجب ڊکڻ ۾ پراڻي تڪرار تان چانڊين جي ٻن ڌرين همٿ چانڊيو ۽ عاشق چانڊيو وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب هوٽل ٻاهران بيٺل راهگير نواز ٻوهڙو زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڊکڻ جي خانگي اسپتال آندو ويو.

ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل ورتا، جڏهن ته زخمي کي ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جهيڙيندڙ ڌرين جي همٿ چانڊيو جو چوڻ هو ته اسان شهر ئي ناهيون ويا ڳوٺ ۾ موجود هئاسين، خبر پئي ته ڊکڻ ۾ فائرنگ ٿي آهي اسان جو ان واقعي سان ڪو به تعلق ناهي.

هوڏانهن عاشق چانڊيو ٻڌايو ته مون کي فون ڪري گهرايو ويو ته ڊکڻ شهر اچي ڏيکار اسان ويٺا آهيون جيئن شهر پهتس ته مٿان فائرنگ ٿي بدلي ۾ مون به فائرنگ ڪئي.

رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ ٿاڻي جي وڏي منشي الطاف شاهه ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، زخمي کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي روانو ڪيو آهي، جڏهن فريادي آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.