news
حيدرآباد

ٻيٽن جو تڪرار

جي اين مغل

سنڌ هيستائين مرڪزي حڪومت پاران هڪ کان وڌيڪ غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدمن جو نشانو بڻجي چڪي آهي، انهن قدمن کي سنڌ جا سياسي ۽ قانوني ماهر سنڌ خلاف جارحيت قرار ڏئي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ تازا قدم مرڪزي حڪومت پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن کي انهن صوبن جي ڪنٽرول مان ڪڍي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ آهي. ان سلسلي ۾ ٻنهي صوبن جي انهن ٻيٽن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ ”پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي“ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو آهي، اها اٿارٽي هڪ آرڊيننس جي ذريعي قائم ڪئي وئي آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس تقريبن هڪ مهينو پهرين جاري ڪيو ويو پر ان وقت کان ان کي ڳجهو رکيو ويو، آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ڇو ته نه قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿي رهيو آهي ۽ نه سينيٽ جو، تنهنڪري ملڪ جي صدر عارف علوي ان ڳالهه جي اجازت ڏني ته اها اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو وڃي، هڪ مهيني تائين ان آرڊيننس کي ڳجهو رکڻ کانپوءِ ٻه ٽي ڏينهن پهرين ان کي ظاهر ڪيو ويو. سنڌ جا قانوني ماهر ۽ سياسي اڳواڻ آرڊيننس جاري ڪرڻ کي ”چوري ۽ سينا زوري“ چئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا حلقا ان آرڊيننس جي لاڳو ٿيڻ کي سنڌ ۽ بلوچستان جي آئيني حقن تي ڌاڙو قرار ڏئي رهيا آهن، هتي آئون هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته آئين جي تحت هن وقت ملڪ ۾ وفاقي آئين نافذ آهي ۽ صوبن کي خودمختياري حاصل آهي، آئين ۾ ”وفاقي ۽ صوبن جي حقن جي واضح طور تي تشريح ڪئي وئي آهي،“ جيڪڏهن وفاقي حڪومت ئي صوبن جي آئيني حقن جو احترام نه ڪري ته ڇا اهڙي حڪومت کي وفاقي حڪومت چوڻ گهرجي؟ اها ڳالهه هروڀرو نه پئي چئي وڃي، موجوده مرڪزي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان آئيني حقن کي تسليم نه ڪندي، بلڪه اهڙا گهڻا قدم کڻي چڪي آهي، ان سلسلي ۾ ڪجهه مثال ڏئي سگهجن ٿا، مثال طور تي آئين ۾ قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ۾ صوبن جي حقن کي تسليم نه ڪندي موجوده مرڪزي حڪومت سنڌ جي حصي جي هڪ وڏي رقم ڪافي عرصي کان روڪي ويٺي آهي، اهڙي طرح آئين ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جنهن صوبي مان تيل ۽ گيس نڪرندو، اهو تيل ۽ گيس وٺڻ جو پهريون حق ان ئي صوبي جو آهي پر ٿي ڇا رهيو آهي، سنڌ مان نڪرڻ وارو تيل ۽ گيس سنڌ جي ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ٻين صوبن کي ڏنو پيو وڃي، تازن اطلاعن جي مطابق، مرڪزي حڪومت سنڌ کي قدرتي گيس جي فراهمي بند ڪري 15 آڪٽوبر کان سنڌ جي سي اين جي اسٽيشن جي لاءِ فقط درآمد ٿيل ايل اين جي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، واضح رهي ته ايل اين جي درآمد ڪئي ويندي آهي، جيڪا گهڻي مهانگي آهي.

هڪ تازي اطلاع مطابق مرڪزي حڪومت صوبن جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي انٽري ٽيسٽ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو اختيار پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن کي، ان سلسلي ۾ هڪ ايڪٽ جاري ڪري، ڏنو ويو آهي. سنڌ جي عوام کي ان ڳالهه تي حيرت آهي ته تقريبن هڪ مهينو پهرين جڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي مرڪز جو ڪنٽرول قائم هئڻ جي سلسلي ۾ اطلاع گردش ڪري رهيا هئا، نه فقط سنڌ جي وزير زراعت اهڙي ڪنهن به قدم جي مخالفت ڪئي بلڪه پاڻ سنڌ جي وزيرعليٰ مراد علي شاهه هڪ کان وڌيڪ دفعا اعلان ڪيو ته حڪومتِ سنڌ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي انهن ٻيٽن تي مرڪزي ڪنٽرول کي قبول نه ڪندي پر سنڌ جي سياسي حلقن کي ان ڳالهه تي حيرت آهي ته هاڻي جڏهن مرڪز انهن ٻيٽن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جي لاءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪري هڪ ٿارٽي به ٺاهي آهي.

هن ڪالم لکڻ وقت تائين حڪومت سنڌ جو ڪو موقف سامهون نه آيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ٻن اهم سينئر اڳواڻن ضرور ان سلسلي ۾ سخت بيان جاري ڪيا آهن، انهن مان هڪ پ پ جي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ميمبر قومي اسيمبلي نفيسا شاهه آهي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ”پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمنيٽ اٿارٽي آرڊيننس غيرقانوني، غير آئيني ۽ قابل مذمت آهي ڇو ته اهو سڌو سنئون صوبائي حڪومتن جي حقن تي ڌاڙو آهي، هن چيو ته سنڌ جا اهي ٻيٽ گهڻا قديمي آهن، تنهنڪري مرڪز کي ان قسم جو ڌاڙو هڻڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.“ هن ٻيٽن تي قبضي جي ان ڪوشش کي آئين جي آرٽيڪل 172 جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. هن افسوس ظاهر ڪندي چيو ته مرڪز ڪڏهن سنڌ جي انتظامي اختيارن تي ته ڪڏهن سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح پ پ جي سينيٽر سسئي پليجو به سخت بيان جاري ڪندي ان آرڊيننس کي سنڌ دشمني قرار ڏنو آهي، هن چيو ته ”آئين ۾ ملڪيت ۽ حد بندي جي سلسلي ۾ معاملا واضح آهن، تنهنڪري آئين سان ان قسم جي راند نه ڪئي وڃي، هن چيو ته آئين جي تحت زيرو کان 12 ناٽيڪل ميل تائين سمنڊ ۾ مالڪاڻا حق لاڳاپيل صوبي جا آهن.“