احتساب جي نالي تي تماشو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن: شاهد خاقان عباسي

news

ڪراچي: (سومر 12 آڪٽوبر 2020ع) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته احتساب جي نالي تي سڄي ملڪ ۾ تماشو ٿي رهيو آهي. ڪنهن به ڪيس ۾ ڪرپشن جو ذڪر نه آهي. پاڪستان ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن. جيڪڏهن ليگي اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿي سگهن ٿا ته عمران خان جي خلاف به ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد  خاقان عباسي  ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته اڄ ٻيهر پيشي هئي، معمول موجب ڪيس نه هليو، نيب هڪ طرفو احتساب ڪري رهيو آهي. نيب سياستدانن کي دٻائڻ جي لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. اسان جي ڪيسن ۾ ڪرپشن جو نه، اختيارن جي ناجائز استعمال جو ذڪر آهي. نيب هلايو يا پاڪستان هلايو. 

شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جي اڌ سياستدانن مٿان غداري جا ڪيس ٺاهيا ويا. عمران خان جي خلاف مان به ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته وزيراعظم کي عوام جي تڪليف جي خبر ناهي. عمران خان بي خبر آهي، کنڊ ۽ اٽي جي اگهن جي کيس ڪابه خبر ناهي.

هوڏانهن نيب ڪورٽ ۾ ايم ڊي پي ايس او جي غيرقانوني مقرري ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 2 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.