حڪومت پاران ايران کان ٽماٽر ۽ بصر گهرائڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: ملڪ ۾ ٽماٽر ۽ بصرن جو اگهه چوٽ تي هجڻ سبب حڪومت ايران کان گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ٽماٽر ۽ بصرن جو اگهه وڌي وڃڻ جي ڪري حڪومت ايران کان گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت ان جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ترجمان موجب ايران کان ٽماٽر ۽ بصر گهرائڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي، جنهن جو مقصد انهن شين جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ آهي، ٽماٽر ۽ بصر گهرائڻ جي پرمٽ جاري ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ٽماٽر ۽ بصرن جي اگهن ۾ پوءِ به فرق نه آيو ته وقت ۾ واڌ ڪئي ويندي.