هر خواهش پوري ڪندڙ ٻلي صرف ٻن ڪروڙ روپين ۾ وڪرو لاءِ پيش!

news

ماسڪو: (سومر 12 آڪٽوبر 2020ع) ايلينا نالي هڪ روسي عورت ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي پالتو ٻلي آن لائن وڪرو جي لاءِ پيش ڪئي آهي جنهن جي باري ۾ ان جي دعويٰ آهي ته هي اوهان جي هر خواهش پوري ڪندي پر ان جي قيمت هڪ ڪروڙ روبل(2 ڪروڙ پاڪستاني روپيه) آهي.

روسي ميڊيا موجب هي عورت روس سائبيريا جي شهر نووو سائبرسڪ جي رهندڙ آهي جنهن گذريل هفتي روسي ڪلاسيفائيڊ پليٽ فارم(آويٽو) تي اها ٻلي وڪرو ڪرڻ جو اشتهار ڏنو آهي. اشتهار ۾ هن لکيو آهي ته هن ٻلي جي سامهون جنهن خواهش جو به اظهار ڪيو وڃي ته اها ضرور پوري ٿيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي هو 3 ڀيرا آزمائي چڪي آهي.

البته هن اشتهار ۾ اهو به لکيو آهي ته مان هن ٻلي کي هڪ ڪروڙ روبل(يعني 2 ڪروڙ روپيه پاڪستاني روپين جيتري رقم) ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته هي ٻلي خريدار جي هر خواهش پوري ڪندي آهي جيڪو هن جو مالڪ يا مالڪياڻي هجي.