نئون ديرو ۾ موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پنجاهه ورهين جو پورهيت فوت

news

نئون ديرو(رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو شهر جي محبوب ڀٽو رائيس مل ۾ پاڻيءَ جي موٽر مان بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري ڳوٺ خان شيخ جو رهواسي 50 ورهين جو همالي پورهيت معشوق شيخ فوت ٿي ويو آهي. 

ان ڏس ۾ فوتي پورهيت رائيس مل ۾ همالي هو جيڪو رائيس مل جي پاڻيءَ واري موٽر مان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويو ته موٽر مان اوچتو کيس ڪرنٽ لڳو جنهن ڪري هو سڙي شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي بيهوشيءَ واري حالت ۾ نئون ديرو اسپتال پهچايو ويو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. 

وارثن پاران ڊاڪٽرن مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪندي فوتيءَ جي مڙهه کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي کڻائي ويا جتي پڻ ڊاڪٽرن پورهيت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد فوتيءَ جو مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارث ڳوٺ خان شيخ کڻائي ويا.

 لاش گهر پهچڻ تي  گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، فوتيءَ جي پٽ امتياز شيخ صحافين کي ٻڌايو ته فوتي والد معشوق شيخ محبوب ڀٽو رائيس مل تي همالپ ڪندو هو جنهن کي پاڻيءَ جي موٽر مان اوچتو ڪرنٽ لڳو جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو آهي، فوتي پورهيت کي 7 پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي.