جيڪب آباد ۾ بزرگ شهرين جي حقن بابت ريلي ڪڍي وئي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد بزرگ شھرين جي ڀلائي واري ايڪٽ تي عمل نه  ٿي سگھيو آھي.

بزرگن جي ڀلائي واري ايڪٽ 2014 تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سماجي ڀلائي واري کاتي جيڪب آباد ايس آر ايس او ۽ ھيلپيج انٽرنيشنل جي سڏ تي سوشل ويلفيئر آفيس کان ڊسٽرڪٽ  پريس ڪلب تائين بزرگ شھرين جا حق جي عنوان ھيٺ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

جنھن ۾ سماجي ڀلائي کاتي جي ملازمن، بزرگ دوست تنظيمن جي اڳواڻڻ، سول سوسائٽي جي سرگرم ڪارڪنن بزرگ عورتن توڙي مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر الاھي بخش اوڍو، آغا وحيد پٺاڻ، سرسو جي مينيجر شاھد احمد لاکو، بزرگ دوست تنظيمن جي اڳواڻن مختيار بيگم سول سوسائٽي جي اڳواڻن آغا غضنفر پٺاڻ، عبدالحئي سومرو، جان اوڍاڻو  ۽ ٻين چيو سنڌ اندر بزرگ شھري پنھنجي حقن کان محروم آھن جنھن ڪري بزرگ شھرين جي ڀلائي واري ايڪٽ 2014 تي عمل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح ھجڻ گھرجي، ھنن چيو ته معاشري اندر بزرگ عورتون ۽ مرد سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري مايوسين جو شڪار ٿي رھيا آھن جن لاءِ بزرگ شھرين جي ايڪٽ 2014 تحت اولڊ ايج گھر ٺھڻ سان گڏ انھن جي مالي مدد لاءِ آزادي ڪارڊ ڏيڻ گھرجن.

ھنن وڌيڪ چيو ته بزرگن لاءِ دوائن ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪرائي ۾  کين 25 سيڪڙو رعايت ڏيئي ھنن جو بنيادي حق تسليم ڪيو وڃي جاڳرتا ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن وڌيڪ چيو ته بزرگ شھرين لاءِ جوڳيون پاليسيون جوڙي زڪوات ۽ بيت المال ۾ نه فقط حصو مقرر ڪيو وڃي پر ھنن لاءِ بينيوويلينٽ فنڊ قائم ڪري کين علاج، سير سفر، ھوٽلز ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ھنڌن تي رعايت ۽ ترجيح ڏني وڃي، ھنن چيو ته بزرگ شھرين جي ڀلائي وارو ايڪٽ 2014 قانوني دستاويز آھي جنھن تي سنڌ حڪومت کي خاص طور اھميت ڏيئي عمل ڪرائڻ گھرجي.

جاڳرتا ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن وڏي وزير سنڌ، گھرو وزير ۽ سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ سيڪريٽريز کي اپيل ڪئي ته سينيئر سٽيزن ايڪٽ 2014 تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ته جيئن بزرگ شھري پنھنجا حق حاصل ڪرڻ سان گڏ سک جو ساهه کڻي سگھن.