جيڪب آباد لڳ ڳوٺ لکمير ڪٽوهر واسين جو قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ڀرسان 9 ڏينهن اڳ زميني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو، ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو.

جيڪب آباد جي پنھون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لکمير ڪٽوهر واسي نوجوان صوبو ڪٽوهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن رحيم علي ڪٽوھر جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. مظاھرين ايس ايس پي جيڪب آباد آفيس اڳيان پھچي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب پوليس ھيڊ ڪوارٽر روڊ بلاڪ ٿي ويو.

ان موقعي تي وارثن دانھيندي چيو ته 9 ڏينهن اڳ مندراڻي برادري جي هٿياربندن اسان جي نوجوان صوبو ڪٽوهر کي بينگاهه بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو جنهن بعد حد جي پنهون ڀٽي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي پر پوليس اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

ھنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته احتجاج جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.