ڪراچي ۾ بجلي جي ورهاست ممبئي مان ڪنٽرول ٿي رهي آهي: چيف جسٽس

news

اسلام آباد: (اڱارو 13 آڪٽوبر 2020ع) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ بجلي جي ورهاست ممبئي مان ڪنٽرول ٿي رهي آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته آخر ۾ هن ڪمپني جا پيرا ممبئي مان نڪرندا.

رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي، سي اي او ۽ چيئرمين نيپرا سميت ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس هڪ دفعو ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورا ماڻهو پاڻ ۾ مليل آهن. جسٽس فيصل عرب ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪراچي ۾ بجلي جي پيداوار ڇو ناهي وڌائي؟ ڪي اليڪٽرڪ وارا چوندا آهن ته 900 ميگاواٽ وڌائڻ جي درخواست نيپرا کي ڏني آهي جسٽس اعجازاالحسن چيو ته سسٽم ۾ 900 ميگاواٽ شامل ڪرڻ لاءِ نيپرا ڇا ڪيو؟

چيف جسٽس ايم ڊي ڪي اليڪٽرڪ کي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي هتي ئي آهي، اوهان جو ڇا ارادو آهي؟ ڪراچي کي ڪڏهن بجلي ڏيندو؟ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ ڪٿي آهي؟ سي اي او صاحب اوهان اڃان تائين عهدي تي ئي آهيو؟ جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو اصل مالڪ ڪير آهي؟ ان تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل علي ظفر ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جا 9 ڊائريڪٽرز آهن ڪي اليڪٽرڪ سعودي ۽ ڪويتي بزنس گروپس آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ ته ان گروپن جي پٺيان وڌيڪ گروپ به هوندا. آخر ۾ هي ڪمپني ممبئي ۾ لينڊ ڪندي. ان تي علي ظفر چيو ته  اهو صحيح نه آهي ته هي ڪمني ممبئي جي آهي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان ائين ئي ٻڌو آهي. آخر ۾ ڪو ممبئي وارو نڪرندو. اسان ٻڌو آهي ته شرما نالي ڪو ماڻهو آهي. جيڪڏهن اوهان ملڪ جا وفادار هجو ها ته ڪراچي جو اهو حال نه هجي ها. اڌ شهر بجلي نه هجڻ سبب رات جو جاڳندو آهي. شهر ۾ هيٽ ويو اچي رهيو آهي جڏهن ته ماڻهن کي بجلي ناهي ملي رهي. جڏهن ڪمپني ممبئي مان ڪنٽرول  ٿيندي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو. خبرن موجب ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ بجلي ممبئي مان ڪنٽرول ٿيندي آهي. اڌ ڪراچي رات جو اونداهي ۾ ٻڏل هوندو آهي ۽ روزانو مون کي فون ۽ ميسيج ايندا آهن ته ڪراچي ۾  هڪ ڏينهن دوران 3 ڀيرا بجلي وڃي ٿي. ڪراچي ۾  بجلي جي ورهاست ممبئي مان ڪنٽرول ٿي رهي آهي. شهر کي ڪيتري بجلي ڏيڻ گهرجي ان جو ڪنٽرول ممبئي مان هلايو پيو وڃي. ائين لڳي رهيو آهي ته هن ڪمپني جا پيرا به ممبئي مان نڪرندا. هي ڪهاڻي هتي ختم نه ٿيندي ان جي پٺڀرائي ڪو ٻيو ڪري رهيو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيف جسٽس جي ريمارڪس تي چيو ته ممبئي جي شيئر هولڊر واريون خبرون غلط آهن. ان تي معزز چيف جسٽس چيو ته اسان اخبارن ۾ خبرون پڙهيون آهن. اسان کي سورس جي خبر ناهي. ڪارپوريٽ معاملا منجهيل هوندا آهن. سامهون هڪڙو ۽ پٺيان ڪو ٻيو،  سموري عمل ۾ آخر ۾ فائدو وري ڪو ٽيون کڻي ويندو آهي. ڪي اليڪٽرڪ وارا ڊيفالٽر آهن انهن کي جيل موڪلڻ گهرجي. بجلي جي فراهمي بنيادي حق آهي. ڪي اليڪٽرڪ وارن تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪري سگهون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت وفاقي حڪومت ۽ توانائي واري وزارت کي ڪراچي کي بجلي جي فراهمي تي بريفنگ لاءِ طلب ڪري ورتو.