news
حيدرآباد

ختم ٿيندڙ نسل

امر جليل:

سرحد جي ٻنهي پاسي غائب ٿيندڙ هڪ اهڙي نسل جا ماڻهو وڃي باقي بچيا آهن جن هندستان جو ورهاڱو ۽ ورهاڱي کانپوءِ ننڍي کنڊ کي فسادن جي باهه ۾ سڙندي ڏٺو هو، اهڙا فساد ۽ قتل عام جو صرف ٻن سال پهريان هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان ڪيرايل ايٽم بم جي وحشت ناڪ تباهين کي وساري ويٺو هو، ننڍي کنڊ جي جنهن نسل انسانيت جي پائمالي کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، اهو هاڻ ختم ٿيندو پيو وڃي، ان نسل ۾ ڪنهن هڪ عقيدي جو ماڻهو نه هو، ان ۾ هندو هو، مسلمان هو، سک هو، عيسائي هو، پارسي هو، يهودي هو، ٻڌ مت جو پيروڪار هو، ختم ٿيندڙ نسل مان هاڻ ڪي وڃي ڳڻپ جيترا بچيا هوندا، ڪي اسي سالن جا آهن، ڪي نوي سالن جا آهن، ڪي هڪ سئو سالن جا آهن.

مونکي خبر ناهي پر ٿي سگهي ٿو ان مان هڪ سئو سالن کان به مٿي ڪي اڃا زندهه باقي هجن، اسان پاڻ ناهيون ملندا، اسان هڪٻئي کي نٿا سڃاڻون، ، انٽرنيٽ تي اسان جي ڪا به اهڙي تنظيم ناهي، هڪ احساس آهي جنهن اسان سڀني کي پاڻ ۾ ويجهو ڪيو آهي، هتان گذري وڃڻ جو احساس، سڀني کان وڇڙي وڃڻ جو احساس، اسان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جا اکين ڏٺا شاهد آهيون، اسان تقريبن گذري چڪا آهيون، باقي جيڪي اسان ڳڻپ جيترا ماڻهو وڃي بچيا آهيون، هتان وڃڻ جو سامان ٻڌي رکيو آهي.

اسان هندو هئاسين، مسلمان هئاسين، پارسي هئاسين پر پاڻ ۾ وڙهندا نه هئاسين، هڪٻئي جي عبادت گاهن کي باهيون نه ڏيندا هئاسين، اسان سڀ ڄاڻندا هئاسين ته دنيا جو بلڪه قدرت جو ڪاروبار هڪ عقيدي، هڪ زبان، هڪ تهذيب، هڪ تمدن، هڪ رنگ، هڪ نسل، هڪ قوم سان ناهي هلندو، دنيا ۾ هڪ کان وڌيڪ عقيدا آهن، هڪ کان وڌيڪ مذهب آهن، هڪ کان وڌيڪ زبانون، هڪ کان وڌيڪ تهذيب ۽ تمدن ۽ ثقافتون، انيڪ رنگ ۽ انيڪ نسل جا ماڻهو آهن، اڻ ڳڻيون قومون آهن، اهڙين حقيقتن کان اڻڄاڻ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهندا آهن، هو پنهنجي عقيدي،، تهذيب ۽ تمدن کي اعليٰ ثابت ڪرڻ لاءِ وڙهڻ ۽ جنگ تيار ٿي ويندا آهن، فنا ٿيندڙ اسان جي نسل ۾ ائين نه هوندو هو، اسان هڪٻئي جي عقيدي، تهذيب، تمدن،، ثقافت ۽ زبان جو احترام ڪندا هئاسين، هڪٻئي جي ڏڻن ۾ شامل ٿيندا هئاسين.

پوري هندستان ۾ ٽرين هلائڻ پويان انگريز جا ڪيترائي مقصد هئا، هڪ مقصد گندو هو، اهو هو هندو ۽ مسلمان ۾ نفرت جو ٻج ڇٽڻ ۽ نفاق پيدا ڪرڻ، انگريز ارڙهن سئل سٺ جي ويجهو هندستان ۾ ٽرين جون پٽڙيون وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو، اڻويهه سئو پنجويهه جي ويجهو پوري هندستان ۾ پٽڙيون وڇائي ٽرينون هلايون هيون، تڏهن ڪراچي کان ڪلڪتي تائين ٽرين وسيلي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، لکين ماڻهو ٽرين ۾ سفر ڪندا هئا، ريل گاڏي جي هڪ هڪ دٻي يعني بوگي هندو، مسلمان، سک، عيسائي، گڏجي سفر ڪندا هئا، صرف عورتن لاءِ الڳ بوگيون هونديون هيون، مخصوص بوگين ۾ مسلمان ۽ هندو عرتون گڏجي سفر ڪنديون هيون، اسٽيشن تي ٽرين بيهندي، مس افر چانهن پاڻي لاءِ پليٽ فارم تي لهندا، ڪيبننن مان شيشن جي ننڍن ننڍن ڪلاسن ۾ چانهن وٺي سرڪيون ڀريندا، مٽي جي ٺهيل صراحين ۾ پليٽ فارم تي لڳل ٽونٽين مان پاڻي ڀريندا، ڪجهه وقت تائين ائين خير خوبيءَ سان هلندو رهيو.

مسلمان ۽ هندو هڪ ئي ٽونٽي مان پاڻي پيئندا هئا، ڪو به مت ڀيد نه هو، ڪجهه وقت کانپوءِ پاڻيءَ جي پائيپ لائنن ۾ الڳ الڳ اضافي ٽونٽيون هيون ويون،  ڪجهه ٽونٽين تي هندو پاڻي، ڪجهه ٽونٽين تي مسلمان پاڻي جون تختيون هڻي ڇڏيون، اتان کان ئي هندو مسلمانن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون، پائيپ لائين هڪ ئي هوندي هئي، پائيپ لائنن مان ايندڙ پاڻي به اهوئي هوندو آهي پر انگريز ٽونٽيون هڻائي پاڻي کي دين ڌرم ڏئي ڇڏيو، هندستان ۾ ڪيتريون ئي ريليوي اسٽيشنون هيون، لکين ماڻهو ٽرين ۾ سفر ڪند هئا، ٽونٽين تي لڳل تختيون” هندو پاڻي ۽ مسلمان پاڻي“ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، ان ڪاميابيءَ کانپوءِ انگريز هندستان جي يڪجهتي تي هڪ ٻيو وار ڪيو، ٽرين ۾ ملندڙ کاڌي کي ”هندو کاڌو ۽ مسلمان کاڌو“ ۾ ورهايو ويو، انگريز جي هيءَ حرڪت مذاق جهڙي هئي، انگريزي ڊڪشنري موجب انگريزن وٽ ٻه متبادل نال هئا، ويج Vej ۽ نان ويج Non Veg پر انگريز کي کاڌي کان نه پر هندو مسلمانن کي هڪٻئي کان پري ڪرڻ هو.

مونکي حيرت ٿيندي آهي ته هندستان جي وڏن ليڊرن قائداعظم محمد علي جناح، ڪرم چند گانڌي، موتي لال نهرو، مولانا محمد علي جوهر، شوڪت علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خان عبدالغفار خان ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙن اڳواڻن مسلمانن ۽ هندن، جي وچ ۾ داڻي ۽ پاڻي جي نالي تي ڏار وجهڻ تي انگريزن جي جامع مخالفت نه ڪئي، انگريز وڏي چالاڪي سان مسلمانن ۽ هندن ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو، اڄ سرحد جي ٻنهي پاسي انتهاپسند سياستدان نفرت جي آبياري ڪري رهيا آهن.