ٽنڊومحمدخان ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن جو احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ميونسپل ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن سڪندر ڀٽي، پير بخش خاصخيلي، عبدالرزاق گدي، صالح ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کين گذريل مهيني جون پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ويئي.

ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي هنن چيو ته گذريل مهيني جون ميونسپل ملازمن کي اڃان تائين پگهارون نه مليون آهن، جنهن ڪري ملازم سخت پريشان آهن.

هنن چيو ته اي ڊي سي ون پاران ميونسپل ايڊمنسٽريٽر جي چارج سنڀالڻ کان پوءِ هُو ملازمن سان زيادتيون ڪري رهيو آهي ۽ گذريل مهيني جي پگهارن واري بل تي بنا ڪنهن جواز جي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جيڪا ميونسپل ملازمن سان سراسر ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل ملازمن جون پگهارون جلد ڏياريون وڃن ٻي صورت ۾ ايڊمنسٽريٽر خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.