پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) پنوعاقل ۾ 18 آڪٽوبر تي پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ استادن پاران سرگرميون تيز ڪيون ويون آھن، پ ٽ الف جي چونڊن ۾ سچل پئنل، آزاد پئنل ۽ ڇلگري پئنل مقابلي لاءِ ميدان ۾ لٿل آھن، ان سلسلي ۾ سچل پئنل ۽ ڇلگري پئنل جي اميدوارن ۾ مقابلي جا امڪان نظر اچي رھيا آھن، سچل پئنل جي اميدوارن پاران پنوعاقل جي سمورين يونين ڪائونسل پنوعاقل، بائجي، ننداپور، دادلو، ملالي، مبارڪپور، ڊرٻ، سلطانپور، جوڻاس، ھنگورو، پنوغلام علي ۽ ٻين ۾ دؤرا ڪري روشن خيال استاد صاحبان سان گڏجاڻيون ڪري چونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي آھي.
سچل پئنل جي اميدوارن پاران پنوعاقل ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران اڳواڻن استاد جميل احمد ڌاريجو، عبدالرحمان انڍڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سچل پئنل جو منشور استاد ڀائرن جي حقن کي ترجيع ڏيڻ آھي، استاد پنھنجو قيمتي ووٽ سچل پئنل جي اميدوارن کي ڏين.
ھنن وڌيڪ چيو تہ استادن جي حقن جي حاصلات لاءِ اسان جا اڳواڻ ڪامياب ٿي جدوجھد ڪندا، جن ۾ فوتي ڪوٽا، رھيل استادن کي پڪو ڪرائڻ، ھيلٿ ڪارڊ ڏيارڻ واريون سھولتون شامل آھن، ھنن چيو تہ اسان جي ترجيع استاد ڀائرن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ آھي ۽ انشاءَاللہ 18 آڪٽوبر تي سنڌ جي ٻين تعلقن جيان پنوعاقل ۾ به استاد صاحبان جي ساٿ سان سچل پينل ڀاري اڪثريت سان سوڀ ماڻيندو ۽ انشاءاللہ ڪاميابي ماڻي استاد ڀائرن جي خدمت ڪنداسين.