news
سڪرنڊ

سڪرنڊ لڳ جهيڙيندڙ ڌرين ۾ سرچاءُ لاءِ ميڙمنٿ قافلو، ٺاهه جون ڪوششون تيز

سڪرنڊ(رپورٽ: مشتاق سولنگي)سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ڀٽائي انڙ ۾ ٻن ڌرين جي پراڻي زميني تڪرار جي نبيري لاء سوين ماڻھن تي مشتمل ميڙ منٿ قافلو، آل سنڌ سماٽ ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رئيس امداد علي راهو، رئيس نظر محمد انڙ، سابق وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ رئيس نوراحمد لاکو، سماٽ جو چيئرمين حاجي خان لاکو، رئيس نورمحمد پرھياڙ، صحافي عزيز احمد ڦل ۽ استاد احمد خان انڙ جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ کان قاضي احمد چيف سردار ڄام تماچي انڙ وٽ پهتو. ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن سردار ڄام تماچي انڙ کي گذارش ڪندي چيو ته ڳوٺ ڀٽائي انڙ جي بگو انڙ ۽ پٺاڻ انڙ جي وچ ۾ زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جو فيصلو محمد خان جوڻيجو وٽ ٿيل آهي پر عمل نه پيو ٿئي، انڪري ڪنهن به وقت امڪاني جهيڙي کي رد نٿو ڪري سگهجي.

هنن چيف سردار ڄام تماچي انڙ کي ٿيل فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي به گذارش ڪئي.

چيف سردار ڄام تماچي انڙ ميڙ منٿ قافلي کي  ڀرپور موٽ  ڏيندي چيو ته انڙن جو راڄ منهنجو پنهنجو آهي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جو جهيڙو ڪرڻ نه ڏبو ۽ آئون ٻنهي ڌرين کي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندس.

هن چيو ته ذات، برادري توڙي قبيلائي جهيڙا تمام گهڻو نقصانڪار آهن ۽ انهن جي روڪڻ لاءِ سڀني ساڃاهه وارن ماڻھن کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، قافلي ۾ سماٽ ايسوسرئيشن جا مک عهديدار ڄام شاهنواز انڙ، ڄام اشرف انڙ، فقير محمد سولنگي، رضا محمد انڙ، فقير عبدالجبار پرهياڙ ۽ اياز علي ڪيريو کان سواءِ سوين ماڻھو شامل هئا، ان کان اڳ قافلي جي اڳواڻن کي سماٽ ايسوسئيشن جي عهديدارن شاهنواز انڙ ۽ اشرف انڙ طرفان اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا .