ڊکڻ ۾ ڀائرن جي ناجائزين خلاف پورهيت جو احتجاج

news

ڊکڻ (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) ڊکڻ ۾ ڀائرن جي ناجائزين خلاف پورهيت سليم سومرو پريس ڪلب ڊکڻ پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته مان پنهنجي حصي جو دوڪان کپايو آهي. پهرين ڀائرن کي چيو انهن وٺڻ کان انڪار ڪيو، ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان نه وٺنداسين ڀلي ٻين کي کپائي ڏي مان پنهنجي حصي جو دوڪان علي نواز سيال کي کپائي ڏنو آهي ته هاڻي ڀائرن ڦڏو ڪري مون کي مارڻ جون  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

مان وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي، منهنجا ٻچا دربدر آهن، هن وڌيڪ چيو ته مان ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ٿو ڪريان ته مون کي انصاف ڏياريو وڃي.

هوڏانهن دانهيندڙ جي ڀائرن واجد سومرو ۽ گلزار سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڃا ورهاست رهيل آهي ۽ اسان دوڪان خريدڻ لاءِ تيار آهيون.