ڀارت ۾ ڊرائيور کان سواءِ روڊ تي ڊوڙندڙ ڪار سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

news

نئين دهلي: (خميس 15 آڪٽوبر 2020ع) سڄي دنيا ۾ آٽوز انڊسٽريون بنا ڊرائيور جي هلندڙ گاڏين تي ڪم ڪري رهيون آهن پر تازو ئي هڪ اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ گاڏي بنا ڊرائيور جي روڊ تي ڊوڙي رهي آهي.

اهو واقعو ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ پيش آيو جنهن ۾ روڊ تي بنا ڊرائيور جي ڊوڙندڙ ڪار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گاڌي ۾ هڪ شخص موجود آهي پر اهو ڊرائيونگ سيٽ تي ناهي ويٺل پر گاڏي بنا ڊرائيور جي تيزي سان ڊوڙي رهي آهي.

جڏهن ته گاڏي ۾ ويٺل شخص اطمينان سان سفر ڪري رهيو آهي. ان گاڏي  جو پيڇو ڪندڙ هڪ شخص وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي جيڪا ڏسندي ئي  ڏسندي تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي ۽ ماڻهن ان تي  انتهائي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.