مورو ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف احتجاج

news

مورو: مورو ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس پاران رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مڪمل اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتال ڪئي.

جنھن جي اڳواڻي خادم حسين مستوئي، محمد يونس وسڻ، عائشا پيرزادو، بابرہ چانڊيو، نجمه رند، عابدہ، محمد شريف ڪوريجو، ڊاڪٽر معشوق چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالحميد ڪوريجو، عاشق ڀٽي، اختيار علي ڏھر، ڀائي خان، ارشد ميمڻ، مقصود آرائين، اسلم ڏاھري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

جتي هنن چيو ته سنڌ حڪومت صحت کاتي اسان جي احتجاج کانپوءِ اسان کي ٽي مھينا رسڪ الائونس ڏنو ۽ بعد ۾ بند ڪري ڇڏيو، جيڪو عمل غير قانوني آھي ۽اهو عمل برداشت نه ڪنداسين.

هنن چيو ته ڪورونا سميت مختلف ڏکين حالتن  ۾ اسان پهرين مورچي تي جنگ وڙھون پيا ۽ ڊاڪٽر توڙي عملو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو آهي پر ان جي باوجود اسان جو رسڪ الائونس بند ڪيو ويو آهي، ان کان علاوہ اسان جا ٻيا بہ مطالبا آھن جيڪي پڻ نہ ٿا مڃيا وڃن. هنن چيو ته جيستائين رسڪ الائونس سميت ٻيا مطالبا قبول نه ٿا ڪيا وڃن تيستائين مختلف مرحلن ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.