مورو ويجھو ڳوٺ محمد ابراھيم اعواڻ واسي پيرسن جو بااثرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

news

مورو: مورو ويجھو ڳوٺ محمد ابراھيم اعواڻ جي رھواسي پيرسن بشير احمد اعواڻ بااثرن پاران زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.

جتي ھن ٻڌايو تہ منھنجي زرعي زمين تي ڳوٺ جا ڪجھ بااثر قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ مون کي موت مار سنگين نتيجا ڀوڳڻ سان گڏ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھن الزام ھڻندي چيو تہ ڳوٺ جا بااثر وزير اعواڻ ۽ نذير اعواڻ اڳ بہ مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ھئا ۽ ان جو فيصلو پڻ ٿيو ھو پر ھو وري ٻيھر منھنجي مٿان ظلم ڪري رھيا آھن مان غريب مسڪين ۽ پورھيت آھيان، ھو بااثر آھن، جن مان جاني مالي نقصان جو خطرو آھي.

ھن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ کيس ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف قانوني قدم کڻي انصاف سان گڏ تحفظ ڏنو وڃي.