نئون ديرو ۽ ڀرپاسي ساريالي فصل جي سٽ وارو مرحلو شروع ٿي ويو، مناسب اگهه نه مليو

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) سنڌ ۾ ماڪڙ، برساتن، طوفانن سميت مختلف قدرتي آفتن ۽ جيتن جي حملن کان باقي بچي ويل ساريالي فصل جي سٽ وارو مرحلو شروع ٿي ويو آهي.

هڪ طرف ملڪ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائيءَ غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف تيار ساريالي فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪري آبادگارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. ساريون في مڻ 800 کان هڪ هزار روپين تائين في مڻ وڪرو ٿي رهيون آهن جڏهن ته آبادگارن ۽ هارين کي ساريالي فصل جو ٻج به هڪ هزار روپيه في ڪلو ۾ پئي ٿو.

جڏهن ته ٻين مدن ۾ فصلن مٿان ٿيندڙ خرچ به آبادگارن کي نٿو بچي. ملڪ ۾ مهانگائيءَ سبب سارين کي ڇاڻي پالش ڪري تيار ٿيندڙ چانور، ڪٽي، ڏارو ۽ اٽو به سارين جي اگهه کان ٽيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ساريالو فصل لهڻ کان اڳ چانورن جو ڏارو 1600 کان 1800 روپيه في مڻ وڪرو ٿي رهيو هو.

جڏهن ته ساريالي فصل جي سٽ شروع ٿيڻ بعد رائيس ملرز توڙي واپارين سارين جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي ته جيئن هو سستي اگهه تي ساريون خريد ڪري سرمائيداري ڪري سگهن. هن وقت ملڪ ۾ چانورن توڙي ڪڻڪ جو اٽو 2500 کان 2800 روپين تائين في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته چانور، کنڊ، داليون، گيهه، سبزين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ساريالي فصل جي سٽ ڪندڙ هاري ۽ آبادگار پريشانين جو شڪار بڻجي ويا آهن.

ان سلسلي ۾ ساريالي فصل جي سٽ ڪندڙ هارين ۽ ننڍن آبادگارن الطاف حسين، حاجي ممتاز علي، علي مردان، رياض احمد، راجا خان شر، نظر محمد، طالب حسين جروار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  ماڪڙ آئي، برساتون آيون، مختلف بيماريون آيون جنهن ۾ ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو پر حڪومت اسان جي ڪا به مالڪي نه ڪئي. هن وقت سارين جو اگهه 800 کان هڪ هزار روپيه ملي ٿو جنهن جو حساب ڪجي ته اسان کي 30 روپيه مهينو به نٿو بچي جنهن ڪري اسان جي حالت خيرات پنڻ جهڙي ٿي وئي آهي. ساريون لهڻ کان اڳ 1700 کان 1800 روپيه في مڻ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ ڪٽي 2000 روپيه هاڻ جڏهن ساريون لٿيون آهن ته واپارين هٿرادو طور اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن. سارين جي پنج ڪلو ٻج واري ٿيلهي 5 هزار روپين ۾ ملي ٿي ۽ چانورن جو ڏارو 3 هزار ۽ ڪٽي اڍائي کان 3 هزار في مڻ ملي ٿي ۽ رائيس ملر توڙي واپاري اسان کان ساريون 800 کان 1000 روپين ۾ في مڻ کڻن ٿا ته اسان هارين کي ان مان ڇا بچندو. اسان کي فقط پلال وڃي بچي ٿو جنهن جي 12 مهينن جو حساب ڪريون ٿا ته هاريءَ ان مان قرض به لاهي نٿو سگهي.

هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي 1800 کان 2000 روپيه في مڻ اگهه ڏنو وڃي ته به اسان ان مان فقط پنهنجا خرچ ۽ قرض لاهي سگهنداسين باقي بچت ڪجهه به نه ٿيندي. هنن وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته سارين جو في مڻ اگهه 1800 کان 2000 روپيه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هارين ۽ آبادگارن کي انهن جي محنت جو مناسب ثمر ملي سگهي.