جيڪب آباد ۾ ٿيليسيميا سينٽر ڇهن مھينن کان بحال نه ٿي سگهيو، احتجاج

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ سنڌ حڪومت پاران فنڊ روڪڻ سبب ٿيليسيميا سينٽر 6 مھينن کان بحال نه ٿي سگهيو، اي پي سي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو.

سنڌ حڪومت پاران فنڊ بند ڪرڻ سبب الحسيني بلڊ بينڪ ۾ قائم ٿيل ٿيليسيميا سينٽر گذريل 6 مھينن کان بند پيل آهي، ٿيليسيميا سينٽر بند ٿيڻ سبب پنج سئو کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن.

سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ٿيليسيميا سينٽر بند ٿيڻ خلاف آل پارٽيز ڪميٽي جي سڏ تي ٽڪنڊي باغ کان عابد سنڌي، شلو مل، شعبان ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا. شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪري سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين پاران پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿيليسيميا سينٽر بند ٿيڻ سبب پنج سئو کان وڌيڪ غريب بيوس ٻارن جي حياتيءَ داءُ تي لڳي وئي آهي، ٿيليسيميا مريض ۾ مبتلا ٻارن جا وارث غربت سبب ڏاڍا پريشان آهن، مٿان وري سنڌ حڪومت ٿيليسيميا سينٽر جو فنڊ روڪي غريبن جي اھنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٿيليسيميا سينٽر جا روڪيل فنڊ جاري ڪري ٻارن جي حياتيءَ بچائي وڃي، ٿيليسيميا سينٽر بحال نه ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت خلاف جلد تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.