سنڌ يونيورسٽي مالي بحران جو شڪار، ادائگي نه ڪرڻ سبب تيل جي سپلاءِ بند

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي مالي بحران جو شڪار، يونيورسٽي انتظاميا تيل ڪمپني کي ڪروڙين روپين جي ادائگي نه ڪرڻ سبب پي ايس او انتظاميا تيل جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي.

مليل ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي انتظاميا مالي بحران جو شڪار ھجڻ سبب تيل ڏيندڙ خانگي ڪمپنين يونيورسٽي انتظاميا جي تيل پئٽرول ڊيزل جي سپلاءِ روڪي ورتي آھي، جنھن سبب يونيورسٽي جي ھلندڙ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي.

ھالا ڪسانا موري شفٽ کڻي ويندڙ پوانئٽ بسن کي اپ ڊائون جو تيل نه ھجڻ ڪري انھن بس عملي کي رات رھڻ بعد صبح جو واپس شفٽ کڻي اچڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏھن تـ گذريل ھڪ ھفتي کان ٿيل جو بحران ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

ڪالھ ڄامشورو شھر وچ ۾ پل ھيٺان ھڪ خانگي پيٽرول پمپ تان سنڌ يونيورسٽي جي پوانئٽن تيل قطارون جي صورت ۾ ڀرايو ھو. ان بابت مليل وڌيڪ ڄاڻ موجب انتظاميا خانگي تيل سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي ڪروڙين روپين جي ادائگي نه ڪرڻ سبب تيل جي سپلاءِ ڪيترن ڏينھن کان بند ڪئي آھي بعد ۾ انتظاميا پنھنجي ھڪ پراڻي ٺيڪيدار کان ھڪ ھفتو تيل اوڌر تي ورتو بعد ۾ ان کي پيمنٽ نـ ٿيڻ سبب اتان بـ سپلاءِ بند ٿي وئي ھئي، بعد ۾ اڳوڻو ڪاموري جي پمپ تان تيل سپلاءِ شروع ڪئي وئي آھي.

ان حوالي سان پئٽرول پمپ انچارج غلام مرتضيٰ کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته خانگي ڪمپني انتظاميا جي ڊليوري ليٽ ڪئي آھي جلد تيل جي سپلاءِ ٿي ويندي، ٻيو ڪو مسئلو ناھي. ڪوبه مالي بحران ناھي.

ھوڏانھن ٽرانسپورٽ انچارج رحمت الله شر ٻڌايو آھي تـ خانگي تيل ۾ قيمتن ۾ فرق سبب تيل ليٽ ڪئي آھي، مجبورن خانگي پمپ تان تيل خريد ڪيو آھي، سڀاڻي تائين تيل اچي ويندو.

ان حوالي سان ملازمن جي نمائندا تنظيم سيوا صدر محمد علي گھانگھرو جو چوڻ آھي، يونيورسٽي ۾ مالي مسئلا موجود آھن، موجوده وي سي کي اھي مامرا سنجيدگي حڪمت عملي تحت  حل ڪرڻ جي ضرورت آھي.