ڄامشورو ڀرسان سڙي فوت ٿيل عورت جو ڪيس مڙس ۽ سُهري سوڌو ٽن ڄڻن مٿان داخل

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو المنظر ڀرسان ڳوٺ احمد خان شورو ۾ ڪجهه ڏينھن اڳ پراسرار طور سڙي فوت ٿيل شادي شده عورت جو قتل ڪيس سندس مڙس ۽ سُھري سوڌو 3 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي.

شھزادي عرف پوپري شورو جي ڀاءُ ديدار علي شورو جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ديدار علي شورو ڪيس ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀيڻ کي سندس مڙس غلام شبير، سُھري حبيب الله ۽ سندس مڙس جي سوٽ جبار شورو گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي.

قتل واقعي کي لڪائڻ لاءِ ٽنهي جوابدارن منھنجي ڀيڻ جي لاش کي باهه ڏئي ڪجهه حصو ساڙيو ۽ باهه ۾ فوت ٿيڻ جو ڊرامو رچايو، ان ڪري واقعي جي جاچ ڪري منھنجي ڀيڻ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

ياد رهي ته واقعي ۾ مقتول عورت شھزادي عرف پوپري شورو جو مڙس غلام شبير شورو اڳ ۾ ئي هڪ ساٿي سوڌو گرفتار ڪيل آهي.