بلوچستان ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙا پوليو وائرس جو شڪار

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 17 آڪٽوبر 2020ع) بلوچستان ۾ پوليو وائرس جا 2 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن. صحت کاتي موجب ڪوئٽه جي علائقي چلتن ٽائون ۾ 4 سالن جي ٻار ۾ پوليو جي تصديق ٿي چڪي آهي.

جڏهن ته پشين جي تعلقي برشوز ۾ 15 مهينن جي ٻار ۾ پوليو جي تصديق ڪئي وئي آهي. بلوچستان ۾ هلندڙ سال جي دوران پوليو ڪيسن جو انگ 23 ٿي ويو آهي.

  پاڪستان ۾ هلندڙ سال هينئر تائين رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 75 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل سال 147 ٻارن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي.

گذريل مهيني پنجاب جي پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي انچارج سندس ارشاد ٻڌايو هو ته ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس ٽائپ ون جي تصديق ٿي آهي.

هن چيو ته هر مهيني 11 تاريخ تي پوليو وائرس جي لاءِ ماحولياتي سيمپلز ورتا ويندا آهن. ڪورونا وائرس سبب پوليو کان بچاءُ واري مهم ڪافي عرصي تائين رڪيل رهي جنهن سبب پوليو وائرس جي ڪيسن ۾ به واڌ ٿي آهي.