ڄامشورو ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي ملهائي وئي

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ڄامشورو ۾ شهيد انور عباسي ۽ شهيد مٺو بليدي جي مزارن تي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن پارٽي چيئرمين بشير احمد جمالي، سورهيه سنڌي، نصير منگي، قيوم ابڙو، جساف اڳواڻ وفا ڪاشف ڀٽو ۽ جست اڳواڻ انور بڙدي جي اڳواڻي ۾ مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح ڪئي وئي.

هوڏانهن ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي واري هنڌ تي جسقپ جي چيئرپرسن سوڀ قمر ڀٽي، ڪامريڊ دودو ديشي، جاويد سرگاڻي ۽ شبير جمالي پچهي يادگار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا.