ڄامشورو ۾ سنڌ سڀا پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ علامتي بک هڙتال

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ سڀا پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڄامشورو ۾ِ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، بک هڙتال ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ انعام سنڌي، انور بڙدي، ڊاڪٽر نذير کوکر، عاشق اوڍاڻو، ذوالفقار اڄڻ، سورهيه سنڌي، محمد بخش مري، ڪامريڊ سومر جمالي، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، امان الله چانڊيو ۽ کنڀجي ويلن جي وارثن سميت وڏي انگ ۾ شهري شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڌرتي سان محبت جي ڏوهه ۾ ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا وارث پنهنجن جي واپسي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر کين آزاد نه پيو ڪيو وڃي.  هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث به سمجهيا وڃن ٿا ته کين ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سندن وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگھي.