سڪرنڊ ۾ هيومن رائٽيس پاران ٽرالر ڊرائيور جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

سڪرنڊ(رپورٽ : مشتاق سولنگي) هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سڪرنڊ پاران نيشنل هاءِ وي سڪرنڊ تي قائم ايڪسائيز چيڪ پوسٽ جي عملي پاران مبينا ڳري رشوت گهرڻ ۽ تشدد ڪرڻ کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور جو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏيڻ سبب ٿيل موت سان انصاف ۽ ايڪسائيز عملي جي گرفتاريءَ لاءِ چانڊيا پيٽرول پمپ کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ريلي جي اڳواڻي هيومن رائٽس آرگنائيزيشن جا اڳواڻ حاجي رفيق احمد خانزاده ۽ محمود مصطفٰى مگسي ڪري رهيا ھئا، جڏھن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سڪرنڊ جا اڳواڻ ايوب کوسو، عبدالقادر جيلاني ۽ سنڌ جاڳرتا فورم جو حسين بخش ڪيريو ۽ الخدمت فائونڊيشن سڪرنڊ جو صدر راشد مڪرم پڻ ريلي ۾ شريڪ هئا.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايڪسائيز عملي پاران ڊرائيور مطيع الله کان تمام ڳري رشوت گهري وئي، جيڪا نه ڏيڻ سبب ان جي  مٿان غير انساني تشدد ڪيو ويو، ڊرائيور مطيع الله پنهنجي تذليل برداشت نه ڪري سگهيو ۽ دل برداشته ٿي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، باه سبب سندس جسم سخت متاثر ٿيو ۽ ھو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو.

هنن چيو ته بيگناه ڊرائيور جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ايڪسائيز چيڪ پوسٽ تي مقرر ڪيل سموري عملي کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، ريلي ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.